اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي بنا فيس جي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين نظام تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون، ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو. ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محدم شهباز شريف پرڏيهي سيڙپڪارن، ڪاروباري برادري ۽ سياحن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بڻائڻ جي حوالي سان چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن وڏو قدم کڻندي، ويزا رجيم ۾ نرمي ڪئي آهي. جيڪا هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي، گلف ڪنٽريز ڪائونسل جي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن لاءِ پاڪستان ۾ ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي، جنهن عيوض نار جي ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم چيو ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين ويزا تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون. انهن126 ملڪن جي واپارين، سياحن کي ويزا فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو، وزيراعظم چيو ته مذهبي سياحت ۾ بهتري جي حوالي سان ٽئين مڪ جو پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت لاءِ ڌار کان سب ڪيٽيگري جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اليڪٽرانڪ گيٽس جو اي نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا مقدس هنڌ آهن ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جا ٻيا اتريان علائقا سياحن لاءِ جنت آهن. وزيراعظم چيو ته نئين ويزا رجيم تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ به قائم ڪيو ويندو، ان حوالي سان ذڪر ڪيل ملڪن کي ويزا فري اينٽري، بزنس ويزا لسٽ ۽ ٽوئرسٽ ويزا آن ارائيول جي نگراني ڪندو ۽ جائزه رپورٽ فراهم ڪندو، نئين ويزا رجيم تي گهرو وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.
متعلقہ مضامین
-
گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ذريعي پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري
-
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران پارٽي چيئرمين جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير حسين ڍوڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
-
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
-
نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ۽ هاڪي سميت مختلف راندين جون 10 اسپورٽس اڪيڊميون قائم ڪيون وينديون: رانا مشهود احمد خان
-
چائلڊ ڊولپمينٽ لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس جو قيام هڪ وڏي ڪاميابي آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
-
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي: صدر آصف علي زرداري
-
صدر آصف علي زرداري سان سينيٽ جي وقتي چيئرمين جي ملاقات
-
اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
-
ملڪ جي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال
-
صدر آصف علي زرداري 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ 104 پاڪستاني ۽ غيرملڪي شخصيتن کي اعزاز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
-
ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ ناتن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن: آرمي چيف
-
نصرت فتح علي خان جي 27 هين ورسي 16 آگسٽ تي ملهائي ويندي