اسلام آباد -29 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم کي ساراهيندي چيو آهي، ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي معاونت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هي هڪ اهم پروگرام آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان ناڻي واري وفاقي وزير کي پروگرام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ انهن کي آسان واپاري قرض فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هي اسڪيم اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسڪيم تحت نوجوانن کي وياج جي گهٽ شرح تي ڪمرشل اسلامڪ ۽ ايس ايم اي بئڪن ذريعي آسان قرض ڏنا پيا وڃن. ملاقات ۾ اسڪيم جي موجوده ساک، آپريشن معاملن ۽ لاجسٽڪ سميت ٻين اهم معاملن کي شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير اسڪيم کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي مجموعي اقتصادي اوسر ۾ اهڙي طرح جون سرگرميون اهميت رکن ٿيون. ملاقات ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ پائيدار ڪاروبار جي قيام جي حوالي سان قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو.
متعلقہ مضامین
-
ECP seeks evidence of vote buying from MPA
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
Timber mafia fells precious trees
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
Is Yasir Shami going to host a ramzan transmission on Geo?
-
38 people including 23 college students booked for attacking passenger bus in Bahawalnagar
-
Pakistan to observe Shab-e-Miraj tonight with great devotion and zeal
-
Buzdar, Elahi agree to jointly foil ‘conspiracies’ in Punjab
-
Attempts being made to ‘rig’ polls for Senate top slots: opp
-
Pakistan assists Iraq in fight against Covid-19
-
CM directs action against officials for approving illegal housing societies
-
Governor urges PDM to reconsider long march amid COVID-19 resurgence