اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پائيدار ترقي هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي اثرن سان ٿيندڙ نقصانن کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، مستقبل جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پڻ قدم لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ جي 77 وزارتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي اڪثريت کي پنهنجي اقتصادي ترقي جي لاءِ اڄ وڏن چئلينجز سان گڏوگڏ سماجي ۽ سياسي بحران جو خطرو درپيش آهي، گذريل ٽن سالن دوران ڪورونا وبا، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ، وڌندڙ قيمتن، ڪرنسين جي قدر ۾ گهٽتائي، موسمياتي تبديلي ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ خاص طور تي يوڪرين جي جنگ ۽ ان سان گڏ پابندين جي بحرانن اسان جي معيشتن ۽ معاشرن کي تباهه ڪيو آهي. هن چيو ته ايندڙ سال عالمي اقتصادي واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو کان گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل عرصي ۾ خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻين جنسن جون قيمتون بلند ۽ غيرمستحڪم رهيون، اسرندڙ ملڪن جي ڪرنسين جي قدر ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا ان جي قرض جو بار ۽ مارڪيٽن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جو سبب بڻجندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موسمياتي تبديلي ترقياتي چئلينج جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن پاران ڀرپور ڪوششن ۽ وسيع عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پائيدار ترقياتي هدفن جي لاءِ فنانسنگ گيپ 2019ع ۾ 2.5 ٽريلين کان وڌي اڄ 4 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو آهي، جيڪڏهن موسمياتي مقصدن جي لاڳت کي شامل ڪيو وڃي ته اسان کي پائيدار ترقي هدف ۽ موسمياتي تبديلي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي اضافي کربين ڊالرن جي ضرورت پوندي. هن چيو ته 250 ملين ماڻهو بک کي منهن ڏين ٿا، اسان جا 82 ميمبر قرضن جي زد ۾ آهن، 54 قرض جي پريشاني ۾ آهن، مالي ڪفايت شعاري انهن جي ترقي کي روڪي ڇڏيندي ۽ بک ۽ غربت کي وڌائيندي، اسان کي غربت جي ڄار مان نڪرڻ جي لاءِ هڪ رستو گهرجي. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد اهڙا قدم شروع ڪرڻ آهي جيڪي اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجن جو جواب ڏين ۽ پائيدار ترقياتي هدفن ۽ گهربل عالمي مالياتي ۽ اقتصادي نظام ۾ سڌارن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪن، اسان کي ايمرجنسي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جا ٿورا مڃڻ گهرجن. هن چيو ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن کي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ جنسن ۽ ٻارڻ جي قيمتن کي محدود ڪرڻ، خوراڪ، ٻارڻ ۽ ڀاڻ تائين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، اسرندڙ ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلين جي شديد اثرن ۾ ورتل آهن، انهن اثرن مان نڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انهن جي فراخدلي سان مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪوپ 27 تي اتفاق ڪيل لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري رهيا آهيون، ان ڏس ۾ منهنجي حڪومت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ڪلائيميٽ ريزيلينٽ پاڪستان جي لاءِ عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني تي ٿورائتي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان تازن سالن جي بحرانن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، تڏهن به گروپ 77 ۽ چين کي پائيدار عالمي واڌويجهه جي شرح کي بحال ڪرڻ، عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ ايڪويٽي شامل ڪرڻ ۽ پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گهربل نظامي ۽ ساختي تبديلين کي فروغ ڏيڻ ۾ اڳ کان اڳرو رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي عالمي مالياتي ڍانچي جي اصلاح جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ان ۾ ڪيترائي جرئتمنداڻا قدم شامل هوندا جن ۾ هڪ، خودمختيار قرضن جي پائيدار انتظام جي لاءِ هڪ گهڻ رخي طريقيڪار سميت گڏيل قرض مان ڇوٽڪاري جي لاءِ هڪ بهتر گڏيل فريم ورڪ ۽ هڪ نئين خودمختيار قرض اٿارٽي شامل آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض وٺڻ جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مڪينزم ٺاهڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي به پنهنجي سيڙپڪاري منڊين جي تعمير ۽ ٽيڪس ڪوريج ۽ اوڳاڙين کي وڌائي نمايان طور تي وڏي اندروني وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ان مقصد جي لاءِ ڊيجيٽل ڏيتي ليت سميت گهڻ رخي ڪارپوريشنز جي ذريعي ٽيڪس چوري ۽ منافعي جي منتقلي کي روڪڻ جي لاءِ هڪ منصفاڻي عالمي ٽيڪس نظام کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ترقي يافته ملڪن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي پنهنجي واعد کي پورو ڪن ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور تي فعال ڪن، ترقي يافته ملڪن کان ڪاربن اخراج ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ پائيدار عالمي معيشت طرف منتقلي جي لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تيزي سان تنصيب جي ضرورت پوندي، اسان کي چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ جي سيون جي عالمي انفراسٽرڪچر انيشي ايٽو جهڙن قدمن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي آفيسن کي اسرندڙ ملڪن کي اهڙي عالمي معيار جي پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي تياري ۾ مدد جي لاءِ متحرڪ ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ملٽي اسٽيڪ هولڊر پاليسي بورڊ پائيدار انفراسٽرڪچر سيڙڪاري کي فروغ کي ڏيڻ جي لاءِ ڪارائتو هوندو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ روانگي واپار جي قيادت جي نمو کي بحال ڪرڻ جي لاءِ عالمي واپاري نظام جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ گهرجي، اهو سمورن ڪامياب اسرندڙ ملڪن ۾ ترقي جو بنيادي رستو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ عالمي ٽيڪنالاجي معاهدو جيڪو پائيدار ترقياتي هدفن سان ڳنڍيل آهي کي ٺوس ڳالهين جي ذريعي اختيار ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ منصفاڻي عالمي انفارميشن ٽيڪنالاجي نظام کي اختيار ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته اسان جا ملڪ پائيدار ترقياتي هدف يا موسمياتي هدفن کي ان وقت تائين حاصل نه ٿا ڪري سگهن جيستائين اسان اهڙي طرح جي ايجنڊا تي ٺوس اڳڀرائي نه ڪريون، اهڙي طرح جي هنگامي ۽ نظامي قدمن کانسواءِ ترقي جي ورڇ هڪ ناقابل عبور چئلينج ۾ وڌندي جيڪا اسان جي دنيا کي ڊيڄاريندڙ خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي، هڪ اهڙي دنيا جيڪا وڏي پئماني تي انساني مصيبتن، سماجي ۽ سياسي عدم استحڪام ۽ پکڙجندڙ تڪرارن ۾ ورتل آهي، ڌرتيءَ ۽ اسان جي نسلن کي آبهوا جي تباهي جو وڌندڙ وجودي خطرو درپيش آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECNEC approves 8 projects including five related to road infrastructure
-
IHC fixes Kulbhushan Jadhav case hearing for Oct 6
-
CPNE office-bearers briefed on Punjab Press & Publication Act 2020
-
Javed Iqbal reviews NAB’s monthly performance
-
‘Pakistan Army not fighting alongside Azerbaijani troops against Armenia’
-
Economic Outreach Coordination Group holds first meeting
-
India working to strengthen illegal occupation of IIOJK: Masood
-
PML-N hiding behind blame game to save looted money: PTI
-
PM ‘wrong’ to allow airing of Nawaz’s speeches: Sh Rashid
-
Cardiovascular diseases number one cause of deaths: moot
-
Sedition case against former PM a ‘routine matter’: govt
-
Court puts off hearing of money laundering, assets case against Shehbaz, family until 13th