ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اتر بحيره عرب ۾ منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا موجب تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري، سنڌ جو گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز تي اچڻ تي اميرالبحر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين مشق امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Zardari should be given online hearing facility: Rehman Malik
-
Punjab DG ACE dismisses 12 people from Service over multiple charges
-
Energy sector facing severe crises: Imran
-
AC accepts Hamza Shehbaz’s exemption plea in Ramzan Sugar Mills case
-
FM expresses strong support for full realisation of women’s rights
-
Private schools deprive teaching and non-teaching staff of salaries
-
FIA to approach Interpol for extraditing Nawaz Sharif’s close aide
-
Ahmadi Professor shot dead in Peshawar allegedly after religious argument
-
Training sessions for first-time MPAs next month
-
No scientific evidence to support death penalty: Ambassador Androulla
-
PML-N seeks permission from local administration for rally in Gujranwala