اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪندي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان سمورن جاري شعبن ۾ نتيجاخيز حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم بي ايم جي ايف پاران ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽيڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت کي بهتر بڻائڻ ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ دوران پاڪستان کي ڏني ويندڙ قابل قدر مدد کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن سان بل گيٽس کي آگاهه ڪندي ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تعاون جي سمورن جاري شعبن ۾ فائونڊيشن سان نتيجاخيز حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ پوليو جي سمورين قسمن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع ۾ پوليو جي نئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته هن اهو به چيو ته سيپٽمبر 2022ع کان پوليو ڪيسز ۾ وقفو آيو آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت جي قيادت هيٺ ٻين پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ بي ايم جي ايف جي مدد سان غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ، حفاظتي ٽيڪن جي ضروري خدمتن، مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي راست ۽ قومي بچت پروگرام جي ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي جي تباهي جي ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي جاري ڪوششن کي بري طرح متاثر ڪيو هو جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي ايمرجنسي ريسپانس پلان کي فعال طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ٻارن تائين پهچ لاءِ مختلف ذريعن جي ڳولا به جاري رکندي. بل گيٽس پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي فائونڊيشن پاران پاڪستان جي لاءِ مسلسل تعاون کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
ECNEC approves 8 projects including five related to road infrastructure
-
IHC fixes Kulbhushan Jadhav case hearing for Oct 6
-
CPNE office-bearers briefed on Punjab Press & Publication Act 2020
-
Javed Iqbal reviews NAB’s monthly performance
-
‘Pakistan Army not fighting alongside Azerbaijani troops against Armenia’
-
Economic Outreach Coordination Group holds first meeting
-
India working to strengthen illegal occupation of IIOJK: Masood
-
PML-N hiding behind blame game to save looted money: PTI
-
PM ‘wrong’ to allow airing of Nawaz’s speeches: Sh Rashid
-
Cardiovascular diseases number one cause of deaths: moot
-
Sedition case against former PM a ‘routine matter’: govt
-
Court puts off hearing of money laundering, assets case against Shehbaz, family until 13th