اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، وزيراعظم ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري امداد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار جي مانيٽرنگ، جعلي مصنوعات جي سڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ۽ لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان غفلت جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پهتو، ايتري اهم قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪري اهم شقن کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي، معاهدي ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي حل جي متبادل نظام جي حوالي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃن، انڪوائري رپورٽ موجب ان وقت جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ موجب ان سنگين غلطي جي بنيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي لاءِ ان وقت جي ايف بي آر چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Women Champions
-
PM briefed on proposed Ehsaas food stamp programme
-
Cabinet approves amendment bill to grant more autonomy to SBP
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
No side-effects of Sinopham Covid vaccine: Yasmin
-
ATC to indict accused cops in Satti murder case on 26th
-
Airlines asked to submit proposals for aviation policy till 19th
-
CAA extends travel SOPs for Pakistan bound visitors till 18th
-
Muhammad Idrees appointed new dean QAU faculty of Social Sciences
-
PM to inaugurate Islamabad Security Dialogue on Wednesday