اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته چين جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جي ذريعي جٽادار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ۾ گڏيل ترقي کي هٿي ڏئي دنيا جو مستقبل جوڙڻ جي وڏي صلاحيت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي انتظام هيٺ گڏيل ترقي بابت عالمي ايڪشن واري فورم جي ٻئين اعليٰ سطحي اجلاس کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي ترقي واري عمل ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن، پائيدار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجن کي اوڀر واري نقطه نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته گهڻي ڀاڱي عالمي آبادي اوڀر وارن ملڪن خاص ڪري چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ رهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، صدر شي جن پنگ ۽ چين طرفان اوڀر وارن ملڪن ۽ سڄي دنيا جي اڳواڻي ۾ 21 هين صدي ۾ اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. چين جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جو مقصد پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ چين گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو تي عمل جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪري چڪا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
PDM believes in politics of bullying and horse-trading
-
TEVTA signs MOU to train & employ 5000 women in South Punjab on International Women’s Day
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
Bilawal wins PDM’s support for Gilani
-
Citizen centric policing to ensure free registration, prevention of crimes: IG Punjab
-
NAB has expedited corruption eradication efforts: NAB Chairman
-
Cuban biotech firms want investment in Pakistan: Ambassador
-
SBP steps up to promote digitisation in banking sector
-
Teenage girl raped, filmed at gunpoint in Okara
-
PRCS, TRC sign MoU to boost humanitarian cooperation