اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، سياحت جي فروغ، ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سميت 14 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي موجودگي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ انهن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. انهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قونصلر افيئرز تي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي نجڪاري واري وزارت ۽ آذربائيجان جي اڪانومي واري وزارت جي وچ ۾ رياستي ادارن جي نجڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. آذربائيجان جي انصاف واري وزارت ۽ پاڪستان جي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي، پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ معدني وسيلن ۽ جيالوجي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سال 29 – 2024ع تي صحيحون ڪيون ويون. ان کانسواءِ آذربائيجان جي ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزارت ۽ پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.ان کانسواءِ آذربائيجان ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سائينٽفڪ ۽ ٽيڪنالوجيڪل ڪوآپريشن جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي، اسلام آباد ۽ باڪو کي سسٽر سٽيز قرار ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سمال ۽ ميڊيم بزنس ڊيولپمينٽ ايجنسي آذربائيجان ۽ سميڊا پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ادب جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ نظامي گنجوي انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر آذربائيجان نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۽ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
JICA provides $1.3m to ensure food security in locust-hit areas
-
Malala to collaborate with Apple to produce dramas and documentaries
-
United States And Facebook recognize Pakistani women entrepreneurs on International Women’s Day
-
PPP seeks MQM’s support for Gilani in upcoming Senate Chairman Election
-
TME celebrates International Women’s Day
-
Hina Butt moves Resolution in PA demanding legislation for children with unknown birth identity
-
Gilgit-Baltistan declared Pakistan’s only corona-free region
-
Peshawar high court orders immediate ban on TikTok over indecent content
-
COAS, Uzbek FM discuss Afghan peace process
-
PML-N leader arrested for thrashing lady police constable in Lahore
-
Prem Shivani remembered on death anniversary