اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي، ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ هلايل منظم مهم جي ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏني وڃي. اهڙو اظهار هن سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ليڊر ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ مجموعي ملڪي صورتحال، عوام کي درپيش مسئلن ۽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن بابت هلايل مهم جو ٽوڙ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ مسلم ليگ (ن) کي به ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته سينيٽ کي جمهوري قدرن ۽ باوقار ماحول لاءِ چونڊيل ايوانن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي کي پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت، پرامن ۽ تعميري تشخص اڀارڻ تي خاص ڌيان ڏيندي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
JICA provides $1.3m to ensure food security in locust-hit areas
-
Malala to collaborate with Apple to produce dramas and documentaries
-
United States And Facebook recognize Pakistani women entrepreneurs on International Women’s Day
-
PPP seeks MQM’s support for Gilani in upcoming Senate Chairman Election
-
TME celebrates International Women’s Day
-
Hina Butt moves Resolution in PA demanding legislation for children with unknown birth identity
-
Gilgit-Baltistan declared Pakistan’s only corona-free region
-
Peshawar high court orders immediate ban on TikTok over indecent content
-
COAS, Uzbek FM discuss Afghan peace process
-
PML-N leader arrested for thrashing lady police constable in Lahore
-
Prem Shivani remembered on death anniversary