سرينگر-02 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ته جيئن عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قابض آهي ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئين دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ سومر ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪن. حريت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄمون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن چيو ته آزادي پسند ڪشميرين مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
PDM believes in politics of bullying and horse-trading
-
TEVTA signs MOU to train & employ 5000 women in South Punjab on International Women’s Day
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
Bilawal wins PDM’s support for Gilani
-
Citizen centric policing to ensure free registration, prevention of crimes: IG Punjab
-
NAB has expedited corruption eradication efforts: NAB Chairman
-
Cuban biotech firms want investment in Pakistan: Ambassador
-
SBP steps up to promote digitisation in banking sector
-
Teenage girl raped, filmed at gunpoint in Okara
-
PRCS, TRC sign MoU to boost humanitarian cooperation