اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني مهمانن جي سيڪيورٽي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪمپنيون ملڪ ۾ درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي چيئرمين وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي ۾ هلايا ويندڙ مختلف منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي چين سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان بلند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ملازمن جي لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ کي ملڪ م درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته موجوده منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت چيني سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان توانائي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چين جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي منصوبن جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Women’s Day Celebrations kick off at UO
-
PM wants US-like electronic voting system in next polls
-
Int’l Women’s Day: women hold march for protection of rights
-
63 mega corruption cases disposed of out of 179 cases, NAB meeting told
-
ECP asks PTI to name those who took bribes
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
Murtaza Wahab inaugurates 30 KW solar energy plant at Karachi University
-
Major shuffle expected in Punjab bureaucracy
-
Pak-China literary corridor to bring two nations closer
-
PTI stages protest decrying arrest, imprisonment of the opposition leader in SA
-
ACE recovers Rs 80m in Sindh wheat scam