اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻڪ واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي نجڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان متبادل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان حوالي سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي ويٽ بورڊ جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ پاسڪو ۾ سڌارن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.
متعلقہ مضامین
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Women Champions
-
PM briefed on proposed Ehsaas food stamp programme
-
Cabinet approves amendment bill to grant more autonomy to SBP
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
No side-effects of Sinopham Covid vaccine: Yasmin
-
ATC to indict accused cops in Satti murder case on 26th
-
Airlines asked to submit proposals for aviation policy till 19th
-
CAA extends travel SOPs for Pakistan bound visitors till 18th
-
Muhammad Idrees appointed new dean QAU faculty of Social Sciences
-
PM to inaugurate Islamabad Security Dialogue on Wednesday