اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سردار ڪمال هڪ عظيم فنڪار هو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سردار ڪمال جي لاڏاڻي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي. سردار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
متعلقہ مضامین
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
ECP turns down PTI plea regarding stay on Gillani’s victory notification
-
Prime Minister briefed on digital media advertising policies
-
Panic grips Punjab University after unidentified gunmen open fire
-
IG Punjab directs Police to expedite progress on pending summaries of Police Department
-
Imran Khan has right to rule till 2023: Governor
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
Disintegration of India under Modi