ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن بهبود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ بهبود ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آهي. خاتون اول چيو ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. ثمينه علوي چيو ته شاگردن جي بهتر تعليم جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، تعليم جي فراهمي اهم آهي، اسان کي تعليم جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. هن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڇاتيءَ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون اول چيو ته صدر تعليم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تعليم جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن، تعليمي نظام تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي قدرن ۽ ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بهبود کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.
متعلقہ مضامین
-
COAS appreciates the role of women in bringing honor and glory to the nation
-
Foreign Minister’s Message on International Women’s Day 2021
-
Pakistan’s envoy at UN seeks effective action against fake Covid-19 jabs
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Int’l Women’s Day marked at NUML
-
Minority leaders ask India to arrest killers of 11 Pakistani Hindus
-
Chairman NAB orders scrutiny of Public sector departments
-
Weekly inflation drops by 0.57pc
-
Today’s warfare successful accomplishment depends on effective vision, fusion: Air Chief
-
New Zealand marks 2 years since Christchurch mosque killings
-
Japan courageously faced triple disasters in 2011: Ambassador Imtiaz
-
Rangers official martyred, five injured in Karachi attack