لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’
-
Mera Jism-Meri Marzi slogan misinterpreted: Shehla Raza
-
Foreign Minister’s interaction with European Envoys based in Pakistan
-
Khalilzad, Miller discuss Afghan peace process with Gen Bajwa
-
Shut your mouth and focus on cricket: PML-N’s Hina Butt lashes out at Hafeez
-
50% of sanctioned posts of lecturers of BPS-17 vacant in entire Larkana region
-
Crafts bazaar held at Serena to support women social enterprises
-
38 people including 23 college students booked for attacking passenger bus in Bahawalnagar
-
LADIESFUND encourages women to fight fear and stress together
-
ECP notifies PPP’s Gilani as senator