اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جي لاءِ قانوني فورمز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانوني فورمز سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن نگران وفاقي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي يقين آهي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت کانسواءِ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ذميواري پڻ مون تي آهي، قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چيو ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته آئين تحت قومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
AMAN-21-The message resonates
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Participation of women important for a progressive society, Dr. Firdous
-
Medal Award Ceremony of National Sailing championship held at National Sailing Centre Karachi
-
Firdous seeks media’s support against horse-trading
-
SOUTH CHINA SEA DISPUTE REVEALED
-
South Africa keen to deepen relations with Pakistan: envoy
-
Kidney diseases on the rise in Pakistan: Health experts
-
President Dr Arif Alvi inaugurated the PAF Air War College Institute at Karachi
-
Misconduct proceedings against 21 lawyers in IHC attack case start
-
Launch of Women in Policy Pakistan