اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ڀلائي بابت ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو معاملن واري سيڪريٽري، ڊي جي IMPASS ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي IMPASS پاران ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي سهولت بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ اسائلم جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي معطل ڪرڻ واري 5 جون 2024ع جي سرڪيولر کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نائب وزيراعظم کي خاطري ڪرائي وئي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن جي اندر جاري ڪيا ويندا.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Women’s Day Celebrations kick off at UO
-
PM wants US-like electronic voting system in next polls
-
Int’l Women’s Day: women hold march for protection of rights
-
63 mega corruption cases disposed of out of 179 cases, NAB meeting told
-
ECP asks PTI to name those who took bribes
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
Murtaza Wahab inaugurates 30 KW solar energy plant at Karachi University
-
Major shuffle expected in Punjab bureaucracy
-
Pak-China literary corridor to bring two nations closer
-
PTI stages protest decrying arrest, imprisonment of the opposition leader in SA
-
ACE recovers Rs 80m in Sindh wheat scam