اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم الخط آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزور) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بريل جي شروعات لوئي بريل ڪئي هئي جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حادثي سبب پنهنجو نور وڃائي ويٺو هو، لوئي بريل اها رسم الخط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لوئي بريل ان رسم الخط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي بريل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏينهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. بريل جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
Sindh govt calls for holding Eid prayers at open places to avoid COVID spread
-
Qureshi, Saudi FM express serious concerns over precarious developments in Palestine
-
New power purchase agreement with K-Electric on cards: Hammad
-
Crumbling bridge on BRB Canal awaits department’s attention
-
Govt places Shehbaz Sharif’s name on ECL
-
Sindh professors’ forum voice concerns over transfers, highlight rising corruption in education dept
-
Pakistan, Thailand to work for free trade agreement
-
Govt gives media practical demonstration on EVMs
-
Covid-19 vaccine for citizens over 30 begins today
-
Pakistan ranked 6th highest recipient of remittances globally in 2020
-
PM inaugurates 1,100 mega watt Karachi Nuclear Power Plant Unit-2
-
SC to hear Zardari’s plea for cases transfer to Karachi on Tuesday