اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي، امام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ امام بارگاهه ڪاشان عباس جي دوري دوران ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مجلس ۽ جلوس جي روٽ جو معائنو ڪيو جڏهن ته مجلسن دوران سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير منتظمين، عزادارن سان ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي امام بارگاهه ڪاشان عباس جي منتظم سيد خرم عباس نقوي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. عطاءُ الله تارڙ انتظامن کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر سان مڪمل رابطي ۾ آهيون، محرم الحرام دوران امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ انتظاميا الرٽ آهي، مجلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن جي حفاظت جي لاءِ فول پروف قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ڪربلا جي واقعي مان درس ملي ٿو ته عظيم مقصدن جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون وڃن ٿيون، ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته امام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت امام حسين رضه اسان کي سيکاريو ته حق سان گڏ بيهندڙن جو ڪنڌ ڪٽجي ته سگهي ٿو پر جهُڪي نه ٿو سگهي، امام حسين رضه جو سبق آهي ته ڪنهن ظالم ۽ جابر کي حق سان کلواڙ جي اجازت نه ڏني وڃي، حق ۽ باطل جي ويڙهه هن دور ۾ به جاري آهي. اڄ ايثار ۽ قرباني جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت اڳ کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECP seeks evidence of vote buying from MPA
-
All set for launch of Chinese-type bike-sharing system in Peshawar
-
British diplomat visits maternity clinic
-
Timber mafia fells precious trees
-
NEPRA approves Rs0.89 increase in power tariff
-
Vawda de-notified as federal minister
-
Court dismisses bail pleas of accused in female student death case
-
Kulbhushan Jadhav case adjourned till April 8
-
Five BLA terrorists gunned down in Mastung
-
Book on Sufism reviewed
-
Pakistan stresses gender equality to accomplish SDGs
-
CTD exposes MQM-London female leader Kehkashan Haider for running target killing network in Karachi