اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جبلن جو عالمي ڏينهن 11 ڊسمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد جبلن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. واضح رهي ته دنيا جون 8 وڏيون جابلو چوٽيون گلگت بلتستان ۾ آهن، جڏهن ته دنيا جي ٻي وڏي چوٽي ڪي 2 کي پاڪستان جي پهرين وڏي بلند ترين چوٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. جبلن جو انساني زندگي ۾ تمام اهم ڪردار آهي. قدرت جي نظام ۾ جبل، ٻيلا ۽ برفباري انسان ذات لاءِ انتهائي اهم آهن. جبلن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ ماهر جبلن جي اهميت ۽ انهن جي بقاءَ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
Sindh distributes Rs 46m among 3,100 minority students in 2 years
-
Swat traders reject Sunday lockdown
-
NAB focal organization under UN Conventions against Corruption
-
NCOC will decide closure, opening of educational institutes on 24th March: Shafqat Mahmood
-
Women University Multan launches women development center
-
Karachi Night Market
-
Clerics urged to preach coronavirus SOPs
-
President confers 60 awards on personnel of armed forces
-
Ministry defends decision to allow private import of Covid vaccine
-
Zardari, Fazl ‘agree to resolve issues together’
-
Doctors express concern over Covid vaccine price gouging
-
Khwaja Asif moves LHC for bail