اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ان جي قيمتن جي باري ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. هن اهو پڻ چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت صوبن سان گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz urges world to stop Israeli aggression in Gaza
-
HRCP calls on international community to end Israeli impunity
-
As Zulfi resigns on moral grounds will Sarwar Khan follow suit
-
Turkish President praises for Pakistan’s unflinching support to Palestinians
-
PML-N intact even in opposition, says Maryam
-
PTI leaders vow commitment to PM after Tareen forms group
-
Mushahid suggests flotilla of ships with food, medicines for encircled Gaza
-
13 die, 32 injured as bus turns turtle near Pano Aqil
-
60,000 to perform Haj this year
-
PNCA starts registration for its second course on film production
-
Interior minister says govt to provide ‘special relief’ to salaried class
-
FO terms FM’s New York visit highly successful