اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽن سيڊ ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ جي سيلز ٽيڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ٽيڪسن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن جننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪومت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لاڳو ڪيل سيلز ٽيڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران ملڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون پيدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.
متعلقہ مضامین
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Women of Kashmir demands equal rights on Women’s Day
-
Prime Minister to launch “No One Sleeps Hungry Program” today, Faisal Javed
-
PAYF organizes all-female jirga to acknowledge women’s efforts
-
Gemstones merchants protest wreckless excavation
-
Ashiana housing case: Court reserves verdict on acquittal application of two co-accused
-
Is Yasir Shami going to host a ramzan transmission on Geo?
-
SC reserves judgement on upgradation, premature increments of FDE employees
-
President for modernising beekeeping to boost yield, export
-
PTI nominates Mirza Muhammad Afridi for Senate deputy chairman
-
India’s ‘systematic discriminatory agenda’ condemned in Geneva
-
SHC suspends ex-senator Yasmeen’s jail term in fake degree case