اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ آءِ جي شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، آءِ ٽي جي روانگي واپار جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، آءِ ٽي جو موجوده روانگي واپار اسان جي حقيقي صلاحيت سان هڪجهڙائي نه ٿو رکي، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اپٽيڪا کي روانگي واپار جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ (اپٽيڪا) جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، آءِ ي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شيزه فاطمه خواجه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اپٽيڪا جي پهريون ڀيرو ميزباني پاڪستان جي لاءِ اعزاز آهي، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستاني ڪمپنين آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي ۽ ان شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي اهي، ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن ۾ مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ هي اسان جي لاءِ هڪ چئلينج ۽ موقعو به آهي، اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻو پوندو، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو جڏهن پنجاب ۾ وڏو وزير هو تهص حت، تعليم ۽ روينيو جي وصولي جهڙن مختلف شعبن ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا، هوشيار شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، ان کانسواءِ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ پنجاب ۾ شاگردن ۽ استادن کي ڪتابچا پڻ فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت آهي پر اسان جو روانگي واپار رڳو 2.5 ارب ڊالر ساليانو آهي جيڪو اسان جي حقيقي صلاحيتن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، اسان آءِ ٽي جو روانگي واپار اربين ڊالر وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته گذريل 8 مهينن دوران هن آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان پنهنجو اهو روانگي واپار ساليانو 5 ارب ڊالر تائين فوري وٺي وڃي سگهون ٿا، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي اڳتي اچي ان سلسلي ۾ منصوبو ٺاهڻ گهرجي ته جيئن اسان ڪهڙي طرح پنهنجا هدف آساني سان حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هي فورم آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ اسانجي ڪوششن ۾ سگهه جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي اپٽيڪا جي چيئرمين جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ اپٽيڪا کي روانگي واپار جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو ته غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ آءِ ٽي جو ڪردار اهم آهي، پاڪستان علم تي ٻڌل معيشت جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کنيا اهن، اسان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي اسان جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن کي ڊيجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ اسان جو عزم آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙ ۽ براڊ بينڊ سان ڳنڍيل صارفين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ٿري جي ۽ فور جي سان ڪم نه هلندو، ايندڙ سال جون ۾ فائيو جي سروس شروع ڪئي ويندي. تقريب کي پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جنيد، اپٽيڪا جي چيئرمين ستان سنگهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پاڪستان 7 کان 11 ڊسمبر تائين 21 هين اپٽيڪا ايوارڊ 2022ع جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو منعقد ٿي رهيا آهن جنهن جو انتظام انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزارت جي تعاون سان ڪيو ويو آهي. هن ايونٽ ۾ ملائيشيا، آسٽريليا ۽ سنگپاور سميت مختلف ملڪن مان 150 غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪورونا کانپوءِ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پهريون ڀيرو منعقد ٿي رهيو آهي جيڪي عالمي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar
-
NUML’s Rawalpindi branch opens
-
Indian court acquits all 32 accused in Babri Masjid demolition case
-
Indian spy arrested in Sialkot after crossing border
-
Senior Indian diplomat summoned over ceasefire violations
-
Nawaz working to ‘weaken’ army with India’s help: PM
-
Nilofar Bakhtiar made adviser to chief organiser, focal person for Insaf Women Wing
-
Security forces kill three terrorists in North Waziristan
-
Shibli holds PML-N govt responsible for economic difficulties of people
-
Opposition has joined hands just to protect looted wealth: Buzdar