اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
Man found dead in Karachi identified as retired army officer
-
Modi-RSS regime acquiring lethal arms to kill Kashmiris: Masood
-
Progress on Ehsaas Governance and Integrity Policy & Observatory reviewed
-
What has Pakistan offered in new Afghan visa policy?
-
FIR lodged against Nawaz Sharif, Maryam Nawaz for ‘criminal conspiracy’
-
Cybercrime: Dr Fouzia moves FIA against Lok Virsa ex-ED Uxi Mufti
-
Operation against illegal structures underway in Faisalabad