پيرس – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ برازيل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم شهباز شريف سان برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لُولا ڊي سلوا جي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دفاع سميت ٻين معاملن ۾ برازيل جي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمن تي برازيل ۽ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. برازيل جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Cash transfers reduce child labour: moot
-
PMC directed to halt medical colleges entry test on Nov 15
-
COAS reiterates Pak Army’s support to Kashmir cause
-
Stray dogs bite 16 children in Dadu city
-
5.5 magnitude earthquake tremors jolts Swat
-
WORLD DAY OF REMEMBRANCE FOR ROAD TRAFFIC VICTIMS
-
Afridi warns world against jingoistic designs of India
-
Commander Qatar Emiri Air Force visits air headquarters
-
Poisoning of groundwater from arsenic rapidly degrading ecosystem in Pakistan
-
Pakistan’s film Parwaz Hai Janoon has been permitted to release in china
-
Pakistan contacts two firms to pre-order coronavirus vaccine
-
Vision for an energy secure Punjab