پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽا يونيورسٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رحمان علي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، رحمان علي جي انهن جملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.
متعلقہ مضامین
-
Court orders to quash Mazar-e-Quaid case against Capt (r) Safdar
-
Protesters demand right to self-determination for Kashmiris
-
Pakistan must benefit from China’s achievements in agri sector: envoy
-
History of League of Nations and United Nations
-
Punjab’s anti-corruption drive led to 532% increase in recoveries: SAPM
-
Opposition parties doing ‘reckless politics’ over people’s safety: PM Imran Khan
-
Al-Qaeda chief Al-Zawahiri is dead, reports Arab media
-
KP govt taking steps to develop sports facilities: NA speaker
-
NICVD doctor removed after pointing out irregularities
-
Naeem Bokhari appointed PTV chairperson
-
China’s poverty reduction admirable model for world: Pakistani expert
-
Indian Sikh pilgrims arrive to celebrate Guru Nanak 551st birth anniversary