ملتان – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران نيازي 4 سال هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهيو ۽ چور، ڌاڙي جا نعرا هڻي وقت برباد ڪيو. ملتان ۾ تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال جي معائني دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو هو ۽ سمورا انتظام مڪمل ڪيا هئا. جهرلو اليڪشن کانپوءِ جيڪي عمران نيازي کي ڪلهن تي ويهاري اقتدار ۾ وٺي آيا هئا انهن کي گهرجي ها ته عمران نيازي کان هي اسپتال ٺهرائين ها ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ها پر پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا ۽ تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال لاءِ رڳو 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪو هڪ مذاق هو. هن اسپتال کي رڳو ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف کي ڪريڊٽ نه ملي وڃي. وزيراعظم چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هن اسپتال جي تعمير 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هي عوامي خدمت جو منصوبو آهي. وزيراعظم نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي حمزه شهباز جي قيادت ۾ مختصر مدي جي لاءِ پنجاب ۾ خدمت جو موقعو مليو پر جيڪو ڪجهه ان سان ٿيو اهو به تاريخ جو حصو آهي. ماضي ۾ اسان جون حڪومتون ختم نه ڪيون وڃن ها ۽ عمران نيازي کي اقتدار ۾ نه آندو وڃي ها ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هجي ها. هو 4 سال هٿ تي هٿ ڏئي ويٺل رهيو ۽ چور ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو. وزيراعظم چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته اسپتال جي لاءِ مشينري پڻ درآمد ڪئي وئي آهي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان منصوبي جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سموريون قوتون گڏجي پاڪستان جي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته 500 بيڊز تي ٻڌل نشتر ٽو اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جي عوام فائدو کڻندي.
متعلقہ مضامین
-
NAB issues call-up notices to five NICVD officers
-
Pakistan to expose Indian HR abuses in IIOJK at OIC FMs, Kashmir Group moots
-
Turner inaugurates robot-operated Covid-19 testing lab in Islamabad
-
Sugar scandal: LHC declares FIA’s joint investigation team null and void
-
Bill Gates acknowledges Pakistan’s efforts amid COVID-19 pandemic
-
LoC: Pakistan pays back India in their own coin
-
PM must intervene to impose health levy on Cigarettes
-
Resolution seeking wheat price at Rs 2,000 per 40kg submitted in PA
-
Tortured body of four-year-old boy found in Peshawar
-
Govt likely to slash petrol, diesel prices
-
CEC GB expresses satisfaction over election arrangements
-
PNS TABUK AND PAKISTAN’S MARITIME SECURITY APPARATUS