اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بي گهر ۽ بزرگ ماڻهن کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ زندگي جون ضرورتون پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرنديءَ وارن، فلاحي ادارن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي بزرگ ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اولڊ ايج هوم عافيت ملتان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اسلام بزرگن جي احترام ۽ انهن جو خيال رکڻ کي خاص اهميت ڏي ٿو، ان ڏس ۾ والدين اسلامي تعليم موجب اولاد جي سٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪن. هن چيو ته والدين جا حق پورا ڪرڻ اولاد جي اولين ذميوارين مان آهي، بزرگ ماڻهن جي لاءِ قانوني ۽ معاشرتي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته معاشري ۾ لاچار ماڻهن ۽ بزرگن جي ڀلائي لاءِ حڪومتي ادارن، غيرسرڪاري تنظيمن، سول سوسائٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر بزرگ ماڻهن جو خيال رکڻ تي تاري زمين پر ٽرسٽ ۽ عافيت جي ڪردار کي ساراهيو. بعد ۾ صدر بزرگ ماڻهن جي لاءِ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
National COVID positivity surges at 7.12 percent; 2,495 patients critical
-
Japan extends grant aid worth of Rs 1.54bn for Covid assistance program
-
PML-N ex-lawmaker Amjad Ali Javaid booked in corruption case
-
Maryam among top PML-N leaders booked for holding Lahore gathering
-
Commemorative Ceremony for APS Peshawar Terrorist Attack Victims held in Ankara
-
Top PM advisers Tahir Ashrafi and Sayed Zulfiqar Bukhari say the reports are “absolutely wrong,” “ridiculous”
-
Pakistan, UAE mull ways to boost bilateral trade
-
Divided India – United Indians
-
TME, PIA sign MoU for mutual cooperation
-
Former PML-N MNA Mudassar Nahra arrested
-
Acclaimed Italian Chef interacts with COTHM students in an online session
-
Fog disrupts air, rail traffic