اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وقت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وقت آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ڪو حل ڪڍنداسين.
متعلقہ مضامین
-
TEVTA to establish 20 centres of excellence
-
IDP Pakistan receives overwhelming response
-
Lahore jalsa will be referendum against ‘puppet’ government: PDM
-
Govt writes to Thailand to repatriate Pakistani inmates
-
India imperilling regional peace, disturbing strategic balance: FO
-
LDA approves construction of 4,000 apartments
-
Finance Ministry denies Hafeez Shaikh received NAB notice
-
AHL expects KSE-100 at 52,000 points by next December
-
Nation pays tribute to war hero ‘Major Akram Shaheed’
-
Terrorists fire on police van in Tank
-
Indus-Blind dolphin
-
Firdous terms PDM’s en masse resignation threat a joke