اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي پنجين اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن کي لاڳو ڪرڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ جي معاشي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو پنجون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس کي ريگيوليشن موثر ۽ تيز بڻائڻ جي ٺوس پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي مشاورت ٿي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدمن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي، وزير انهن قدمن تي عمل يقيني بڻائين. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Next OIC CFM meeting to be held in Pakistan: FM
-
PM’s aide Malik Amin says Kaavan arrives ‘safely’ Cambodia for happier life ahead
-
UAE govt honours Pakistani medic died of Covid-19
-
TEVTA to establish 20 centres of excellence
-
IDP Pakistan receives overwhelming response
-
Lahore jalsa will be referendum against ‘puppet’ government: PDM
-
Govt writes to Thailand to repatriate Pakistani inmates
-
India imperilling regional peace, disturbing strategic balance: FO
-
LDA approves construction of 4,000 apartments
-
Finance Ministry denies Hafeez Shaikh received NAB notice
-
AHL expects KSE-100 at 52,000 points by next December
-
Nation pays tribute to war hero ‘Major Akram Shaheed’