ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي بحريه جو جهاز ڪنالياڊا پاڪستان جي خير سگالي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهازن عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز سميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحريه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪ بحريه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام طور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص طور تي هٿي ڏيندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
JICA provides $1.3m to ensure food security in locust-hit areas
-
Malala to collaborate with Apple to produce dramas and documentaries
-
United States And Facebook recognize Pakistani women entrepreneurs on International Women’s Day
-
PPP seeks MQM’s support for Gilani in upcoming Senate Chairman Election
-
TME celebrates International Women’s Day
-
Hina Butt moves Resolution in PA demanding legislation for children with unknown birth identity
-
Gilgit-Baltistan declared Pakistan’s only corona-free region
-
Peshawar high court orders immediate ban on TikTok over indecent content
-
COAS, Uzbek FM discuss Afghan peace process
-
PML-N leader arrested for thrashing lady police constable in Lahore
-
Prem Shivani remembered on death anniversary