اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو عالمي سطح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي موقف عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني عالمي اڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو عالمي اتحاد موسمياتي تبديلين جي اثرن جي مقابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan cautions world against disturbing rise in Islamophobia
-
India has become a fascist state under Modi: report
-
‘Good performance of local bodies a source of global investment’
-
Health Minister Sindh opposes Pakistan Medical Commission Bill
-
Conspiracies against country, institutions to be foiled: Interior Minister
-
Experts for creating awareness on issues like child abuse, neglect
-
SNGPL BOD meeting held in Peshawar; gas related issues in the province discussed
-
Pakistan tops in Asia with highest response to social protection
-
Nawaz trying to ‘blackmail’ institutions to get relief: govt
-
China’s Communist Party donates 54,000 face masks to MoFA
-
Asim Bajwa discusses CPEC future projects with KPK CM
-
NAB Lahore makes Day Care Centre functional