اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي سيڪيورٽي گارڊ کان معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته مان پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان معافي گهران ٿو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ جي درخواست تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي، ته اي او بي آءِ پينشن جي حاصلات لاءِ سيڪيورٽي گارڊ کي آفيس جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن پنهنجي غريب، مخالف ۽ غير دوستاڻي طرز عمل تي گهري نظر وجهي، هڪ عام مزدور کي پينشن لاءِ سالن تائين انتظار ڪرائڻ شرمناڪ عمل آهي. صدر مملڪت چيو ته شڪايت ڪندڙ جي فائيل گم ٿيڻ سبب سال گذري ويا آهن، فائيل سفارش ڪرائڻ تي ڳولهي وئي. واضح رهي ته سيڪيورٽي گارڊ افتخار حسين هڪ نجي سيڪيورٽي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ افتخار حسين 2008ع ۾ سروس دوران حادثي جو شڪار ٿي معذور ٿي ويو هو. بعد ۾ سيڪيورٽي گارڊ پينشن لاءِ اي او بي آءِ سان رجوع ڪيو، جڏهن ته اي او بي آءِ پينشن گرانٽ جي ادائگي کان انڪار ڪندي چيو ته افتخار حسين جي ملازمت 15 سالن کان گهٽ آهي، ان لاءِ هو صرف اولڊ ايج گرانٽ جو حقدار آهي جنهن تي رٽائرڊ سيڪيورٽي گارڊ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. وفاقي محتسب اي او بي آءِ کي ڪيس تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ صدر مملڪت وٽ اپيل دائر ڪئي جنهن کي صدر مملڪت اڪلائيندي چيو ته هڪ عام مزدور (سيڪيورٽي گارڊ) کي انصاف لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پيو آهي. صدر مملڪت چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي مايوس ٿيو آهيان ته سيڪيورٽي گارڊ جڏهن پنهنجي پينشن جي پيروي لاءِ آفيس ويو ته ان کي اي او بي آءِ جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. هڪ رٽائرڊ آفيسر جي مداخلت کان پوءِ شهري کي آفيس م داخل ڏني وئي. هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي او بي آءِ جي نمائندي خاطري ڪرائي آهي ته سيڪيورٽي گارڊ جي شڪايت تي قانون مطابق غور ڪيو ويندو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي اي او بي آءِ جي اپيل کي اڪلائيندي حڪم ڏنو ته سيڪيورٽي گارڊ جي پينشن جي معاملي کي اداري جي چيئرمين بدران اداري جي اٿارٽي آڏو پيش ڪيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Vaccination drive continues
-
Claims, counter claims over PML-N Tarar’s ‘detention’
-
‘Peaceful citizens must visit places of worships to know each other’
-
Citizen portal complaints: Warning letters, show-cause notices issued to non-serious officers
-
UAE-based Pakistani set to streamline recruitment of migrant workers
-
Drones likely to supervise highways in fortnight
-
Atif Khan likely to be re-inducted in KP cabinet
-
Amid ‘controversy’, Imran Khan to review distribution of Senate tickets
-
PM rejects proposal for petrol price hike
-
Islamabad briefs heads of diplomatic missions about IIOJK situation
-
Fresh Covid-19 cases drop to three-digit after 3.5 months
-
Pakistan opposes the addition of new permanent members to the UN Security Council at the United Nations Pakistan, says Munir Akram