اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پارٽ ٽو ۾ ڪاميابي جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ پارٽ ون ۾ ڪاميابي جي شرح 61.82 سيڪڙو رهي. وفاقي تعليمي بورڊ طرفان نتيجا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيجن موجب انٽرميڊيئٽ پارٽ ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج ايڇ اليون جي ايشل شاهه نور فاطمه 1075 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عثمان 1072 مارڪون کڻي ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آرمي پبلڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي زويا احمد 1954 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Hopper valley ready to embrace conservation tourism, protect snow leopard habitat
-
Police foil terror attack in Dera Ismail Khan
-
Privatization will save Pakistan’s power sector, says Miftah Ismail
-
PNCA to open regional culture centre in GB
-
PMLN Senator Mushahid Ullah Khan Passes Away
-
Salman Toor Included in Time100 Next List
-
Qureshi stresses collective efforts against ‘pandemic of hate’ under SDGs agenda
-
Massoud sees changes in Pakistan’s Afghan policy
-
Scrutiny committee points out 150 lawyers in IHC attack
-
First Lady calls for breast cancer awareness and ending taboos
-
48th Common officers visit CPO
-
Gas companies taking steps to bring down UFG ratio gradually