اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حوالي سان جامع بريفنگ ڏني. هن برڪس جي تاريخ ۽ مقصدن تي روشني وڌي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ميمبرشپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برڪس جي توسيع ميمبرن جي اتفاق راءِ تي آهي. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي پنهنجي هدفن جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪانن کي فعال طور تي ڳولي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت برڪس ۾ پاڪستان جي داخلي کي هموار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل شروع ڪيو آهي. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستان جي شموليت جي حوالي سان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اهڙي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو به ميمبر گروپ جي اندر پنهنجي حيثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪنهن بلاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن جو مقصد سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا رکڻ آهي. آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن باتب سوالن جا جواب ڏيندي نگران پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي صورتحال جهڙن تڪرارن جي عالمي اثرن تي روشني وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل رابطي جي ڏس ۾ سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمين جي پڇڻ تي نگران پرڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ميمبرشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ڏيندي ۽ ميمبر ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آسان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان فعال طور تي مصروف عمل آهي، اسان جو سفير ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهي. هن افغان هم منصبن سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقررين جي مدي سان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقررين جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Chief Election Commissioner and ECP officials appear before SC
-
MULTINATIONAL MARITIME EXCERICISE AMAN-2021 CULMINATES WITH THE CONDUCT Of INTERNATIONAL FLEET REVIEW (IFR)
-
Poet Murtaza Shah is no more
-
PTI to emerge victorious in Senate polls: Imran Khan
-
“Plantation not just a hobby but vital for future” says PM Imran Khan
-
Vegetables grown with sewage water on 350 acres destroyed, SHC told
-
Asad urges health workers to register themselves for vaccine
-
Comparison of Kashmir and Nagorno- Karabakh
-
Afghan peace to have lasting benefits for region: PM
-
ECC rescinds Neelum Jhelum surcharge with immediate effect
-
Stage set for NA-221 by-polls
-
Navy conducts joint drills with Russia, Sri Lanka