اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو پرڏيهي وزارت اچڻ تي استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ تعاون جي شعبن بشمول ڪلائميٽ ريزيلينس، پائيدار ترقي، عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ صلاحيت وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جي پهريون سرڪاري دورو تي آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي.
متعلقہ مضامین
-
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران پارٽي چيئرمين جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير حسين ڍوڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
-
صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جي مذمت
-
عطاءُ الله تارڙ پاران بيمار فلسطيني نوجوان جي اسرائيلي فوج جي وحشي ڪتي جي حملي ۾ مارجڻ جي سخت مذمت
-
وزيراعظم پاران مختلف عدالتن ۽ ٽربيولز ۾ التوا هيٺ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ جي هدايت، ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو آهي: محمد شهباز شريف
-
اسحاق ڊار پاران آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي جي وفات تي افسوس جو اظهار
-
دنيا کي اسڪلڊ ورڪرز جي سخت ضرورت آهي: راڻا مشهود
-
ملڪ جي آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال
-
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور
-
پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ريلي
-
حڪومت بلوچستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي: راڻا مشهود احمد
-
ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان پهچي وئي: پرڏيهي آفيس
-
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شهزاده عبدالله بن خالد بن ترڪي بن عبدالعزيز بن ترڪي السعود جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار