استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪ ياتريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز جي وفدن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي اي اوز ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه جي واپارين کي پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ترڪ واپارين وزيراعظم جي ان قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry
-
FBR thwarts counterfeit cigarettes cartel
-
PTI MPAs submit bill for asset declaration of Sindh cabinet advisers
-
‘Character of conflict, nature of warfare changing’
-
Banking transparency vital to end consumer exploitation: Alvi
-
NAB arrests Makhdoom Amin Fahim’s son
-
Haseena Moin to write a special web-series on breast cancer awareness for the RINSTRA platform.
-
Arif Alvi for developing a centralised national database on all diseases
-
SHC orders removal of all billboards in Karachi
-
Chehlum: IG orders best arrangements for A-category processions, majalis
-
Outgoing naval chief calls on PM
-
Man behind treason case against Nawaz has criminal record himself