اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پوليو جي موذي مرض جي خاتمي جي جدوجهد مشڪل ترين حالتن ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پوليو ٽيم جي هڪ ميمبر جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو سخت برفاني علائقي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وڊيو پاڪستان جي پڪي عزم جو واضح ثبوت آهي. فخر جي قابل ورڪرن کي اسان جو سلام، جيڪي دهشتگردي ۽ سخت موسمن جو مقابلو ڪري اسان جي ٻارن جي صحت جي جنگ وڙهن ٿا، انهن جو پاڪستان جي ايندڙ نسلن تي احسان آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan cautions world against disturbing rise in Islamophobia
-
India has become a fascist state under Modi: report
-
‘Good performance of local bodies a source of global investment’
-
Health Minister Sindh opposes Pakistan Medical Commission Bill
-
Conspiracies against country, institutions to be foiled: Interior Minister
-
Experts for creating awareness on issues like child abuse, neglect
-
SNGPL BOD meeting held in Peshawar; gas related issues in the province discussed
-
Pakistan tops in Asia with highest response to social protection
-
Nawaz trying to ‘blackmail’ institutions to get relief: govt
-
China’s Communist Party donates 54,000 face masks to MoFA
-
Asim Bajwa discusses CPEC future projects with KPK CM
-
NAB Lahore makes Day Care Centre functional