اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن جا دل ۽ ذهن نفرت جي زهر سان ڀري 9 مئي سانحو ڪرايو، هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته هو ان جو ذميوار نه آهي، هي اهو شخص آهي جنهن آئين، قانون، صداقت ۽ امانت جي هر لڪير پار ڪئي. عمران خان جي انٽرويو تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عمران خان جي انٽرويو جي جملي ”مون کي جيل ۾ وجهندا ته ردعمل ته ٿيڻو هو“، ٻئي جملي ”اهو سڀ ڪجهه ورڪرن ۽ پارٽي اڳواڻن ڪيو آهي“ جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو انٽرويو نه آهي، ٻهروپيي ۽ ڪوڙي ڪردار جي شخصيت جو آئينو ۽ اصل چهرو آهي، اهو انهن سڀني جي لاءِ سبق آهي جيڪي گمراهه جي گمراهي ۽ فريب جو شڪار ٿيا، هر غلط ڪم پاڻ ڪيو، هر ڀيري پڪڙجڻ تي الزام ٻين تي هنيو. وفاقي وزير چيو ته ”ون پيج“ کان ”آئون ته بي اختيار هئس“، ”آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائي“ کان ”محسن نقوي منهنجي حڪومت ڪيرائي“ تائين جا ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص هاڻي 9 مئي جو ملبو پڻ آخرڪار پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن تي وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جن فسادي جي ڀڙڪائڻ تي پاڪستان کي ساڙيو، قومي وقار ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪئي، اهو ئي ڪم هن فارن فنڊنگ جو ملبو پارٽي اڳواڻن تي وجهي ڪيو. عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر، سائفر، تاريخي ڪرپشن جو ملبو ٻين تي وڌو، هي اهو شخص آهي جنهن آئين، قانون، صداقت ۽ امانت جي هر لڪير پار ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان هڪ سال کان پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن جا دل ۽ ذهن نفرت جي زهر سان ڀريا ۽ 9 مئي سانحو ڪرايو، هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته آئون ذميوار نه آهيان. اميد آهي ته عشق عمراني ۾ سڙندڙ پروانن ۽ ديوانن جي هاڻي تسلي ٿي وئي هوندي. هي محسن ڪشي آهي جنهن تي سڀ ماڻهو ڇڏي وڃي رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
‘RDA to facilitate remittance process’
-
SC takes notice of prolonged detentions of NAB accused
-
Teacher accused of sodomising minor in Ahmadpur East
-
Speaker for providing optimum facilities to investors and traders
-
Durable peace impossible sans Kashmir solution: says Afridi
-
Investigation into Peshawar seminary explosion expanded
-
RCCI kicks off Plantation Drive under My Green Pakistan
-
Commissioner Lahore pays surprise visist to Lal Pul Sahulat Bazaar
-
The Action of Sindh Police or IGP leads massive Operation to arrest absconder in UC Chairman murder Case
-
Government, opposition continue to push limits despite calls for negotiations
-
PM must intervene to ensure Health Levy bill passed by Cabinet in 2019 is not lost between Federal Ministry of Finance and Ministry of Health
-
Education ministers to decide about schools’ closure, winter vacations on Nov 5