اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضائيه کي جديد بڻائڻ ۽ مقامي صلاحيتن جي فروغ لاءِ جاري مختلف منصوبن بابت آگاهه ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه پرڏيهي وزير کي پاڪ فضائيه جي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پراجيڪٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان ميگا پراجيڪٽ جو مقصد ايوي ايشن، آءِ ٽي، سائبر ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي لاءِ سماجي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي بي مثال پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاڪ فضائيه کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن ملڪ جي فتح نه ٿيڻ جوڳي فضائي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪ فضائيه جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم پاڪ فضائيه جي سمورن شهيدن جي ٿورائتي آهي جن دشمن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن پاڪ فضائيه جي قيادت پاران تربيتي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو جن سان هڪ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهبي جيڪا ايوي انڊسٽري جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندي هجي.
متعلقہ مضامین
-
Bomb found
-
KP government to introduce ‘Kalash Marriage Act’
-
Pakistan to remain on FATF grey list: FATF urges Pakistan to complete action plan by Feb 2021
-
FATF decision sans voting a diplomatic victory for Pakistan: Hammad
-
Police after miscreants who vandalized temple
-
Why do Kashmiris observe October 27 as the darkest day?
-
Govt accuses opposition of peddling Indian narrative
-
Pakistan, Kashmiris across world set to observe ‘Black Day’ today
-
Alvi inaugurates Corona Heroes Wall at Governor’s House
-
ANF SEIZED 2293.845 KGS DRUGS VALUING US$ 79.848 MILLION IN 16 OPERATIONS ARRESTED 15 PERSONS & INTERCEPTED 8 VEHICLES: DG ANF
-
Migrant workers face lay-offs and health issues worldwide: moot
-
NAB team raids Karachi’s National Institute of Cardiovascular Diseases