پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير تي تعاون جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته جي ايس پي پلس اسان جي روانگي واپار کي زبردست فروغ ڏنو آهي ۽ اهو اسان جي معيشت جي لاءِ اهم آهي، اسان جي حڪومت يورپي يونين سان پنهنجي مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته توهان سان ملي سدائين خوشي ٿيندي آهي، اسان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن بابت نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان يورپي يونين پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ۾ ان جي فعال شرڪت جي لاءِ اهم تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته جي ايس پي پلس اسان جي روانگي واپار کي زبردست فروغ ڏنو آهي ۽ اهو اسان جي معيشت جي لاءِ اهم آهي، منهنجي حڪومت يورپي يونين سان پنهنجي مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، واپاري، اقتصادي ۽ سياسي سطحن تي وسيع امڪانن موجب پنهنجي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ توهان کي پاڪستان جي دوري جي لاءِ گهرائيندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Poverty Alleviation and Social Safety Division explores options for street vending legislation
-
Shop Keepers fined for violating COVID-19 SOPs
-
Pakistan rejects India’s propaganda against Kartarpur Sahib Corridor
-
Fully determined to ensure rule of law, socio-economic welfare: PM
-
InfraCo Asia Investments and Karandaaz establishes first-of-its-kind infrastructure credit enhancement facility InfraZamin Pakistan
-
Pfizer says Covid-19 vaccine is over 90 percent effective
-
Four laborers died at Lakhra coal mines
-
Kashf Foundation, Coca-Cola to train hundreds of women
-
CIIE to help boost Pakistan’s exports to China: envoy
-
SC registrar office objects to Zardari’s applications for transferring NAB reference to Karachi
-
RLNG price notification by OGRA against laws: SNGPL
-
PML-N in ‘reverse gear’ now, wants to have dialogue with army: Sh Rashid