اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي شقن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آهن، بيان موجب پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاهدي تحت ٿيندي آهي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.
متعلقہ مضامین
-
Court adjourns Mehar triple murder hearing till Nov 17
-
Info Ministry: from oblivion to preeminence
-
PRCS on high alert to deal with Covid-19 second wave: Abrar
-
Should Pakistan celebrate Biden presidency?
-
4 coal miners die after falling from 400ft in elevator accident
-
Pakistan strongly condemns Saudi Arabia’s cemetery attack
-
6 martyred in AJK including solider, in major aggravation along LOC 10 killed on Indian side
-
Main runway of Lahore airport closed for a year
-
Second wave, same strategy: Swedish COVID-19 czar defiant despite surge
-
Dossier exposes Indian terrorism in Pakistan
-
2,443 new Coronavirus cases reported; 32 deaths in past 24 hours
-
Eight dead, 11 injured as van falls into ditch in Nowshera