اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿيندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Farogh Naseem tests positive for coronavirus
-
Two die, 40 pass out after eating contaminated food
-
Is the time changing!
-
Shehryar Afridi vows to give voice to deaf, voiceless Kashmiris
-
Former accountability judge Arshad Malik dies of Covid-19
-
Pattoki judges unite against misbehaviour with female colleague
-
Govt won’t interrupt PDM’s rallies: Imran
-
Minor boy sodomised by gang, killed in Lahore
-
USC former female employee optimistic to get justice from Ombudsperson Kashmala Tariq
-
PPP yet to decide on en masse resignations: Murtaza
-
103 healthcare workers die of Covid-19 so far
-
No minority safe in India: FM