اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان به ملاقات متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مشترڪه ۽ حڪومت پاڪستان 2023ع تي نوجوانن جي سال جي طور تي ملهائي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan condemns the assassination of Iranian scientist Mohsen Fakhrizadeh in Tehran
-
PDM rallies posing serious threat to peoples’ lives: Shibli
-
Incoherent speech at Lahore convention depicts Maryam’s mental disarray: Shibli
-
Human Rights day to be marked on December 10
-
Sufi Majlis-e-Amal chief honoured
-
IG Punjab wants psychologists for women affected by gender crimes
-
Chomsky warns that the World is on the Brink of Disaster
-
Pakistanis from across the world commit a record amount of Rs 65 crore for SKMCH&RC, Karachi
-
89 deaths in past 24 hours; 2,885 new Coronavirus cases reported
-
Batkhela Riverside, Open Air Garbage Dumping may spell health disaster
-
Gunmen kill TV cameraman in northwestern Pakistan
-
2,963 new Coronavirus cases reported; 60 deaths in past 24 hours