اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام مليا آهن. چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چيڪ ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي مبارڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏيندي کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آهيان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مبارڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهيان.
متعلقہ مضامین
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Chaudhrys say ‘no’ to Bilawal
-
Speaker Punjab Assembly summons DC Faisalabad for ignoring his directives
-
Bribe offers being made to PTI senators for chairman’s election
-
No-confidence motion for country, not power: Shahid Khaqan Abbasi
-
LHC restrains NAB from arresting Safdar till 29th
-
Uzbek FM due in Islamabad today
-
Ex-Interior Minister of Pakistan urges president FATF to take notice of Indian terror financing and money laundering
-
Punjab University and other universities in Punjab to be shut down
-
Textile exporters outcry cotton crisis
-
Memo banning Afghan girls singing prompts #IAmMySong protest
-
LHC to hear NAB petition to cancel Maryam’s bail in money laundering case