اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ميمبرن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ جڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Women Champions
-
PM briefed on proposed Ehsaas food stamp programme
-
Cabinet approves amendment bill to grant more autonomy to SBP
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
No side-effects of Sinopham Covid vaccine: Yasmin
-
ATC to indict accused cops in Satti murder case on 26th
-
Airlines asked to submit proposals for aviation policy till 19th
-
CAA extends travel SOPs for Pakistan bound visitors till 18th
-
Muhammad Idrees appointed new dean QAU faculty of Social Sciences
-
PM to inaugurate Islamabad Security Dialogue on Wednesday