اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف جيريز ڊناٽا پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪندي جيريز کان ڪينسر جي مريضن جي لاءِ ريڊي ايشن مشين فوري آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مشين جي حساس نوعيت، انسانيت خاص طور تي ڪينسر جي مريضن جي خدمت جي عظيم مقصد کي نظر ۾ رکندي مشين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪليڪٽر ڪسٽمز لاهور 7 ڏينهن جي اندر اٽڪل هڪ سال کان جيريز وٽ پيل ڪينسر جي علاج جي لاءِ ريڊي ايشن مشين آزاد ڪرائي، عدم تعميل جي صورت ۾ ڪليڪٽر ڪسٽمز قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪري. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تابڪاري مشين اپريل 2023ع کان شيڊ ۾ پيل آهي، جيريز گودام جي اضافي قيمت جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪاري آهي، ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج/ ڊيمريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو. صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته جيريز ڪسٽمز عملدارن جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي سنجيده نه ورتو، جيريز ويئر هائوس چارجز جي وڏي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو، دير جي ڪري پاڪستان جي ڪينسر جي مريضن ۽ غريب ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، غريب عوام ملڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا، همدرداڻي بنيادن تي مسئلن کي سمجهڻ کانسواءِ اهڙو استحصالي ڪاروبار افسوسناڪ آهي. ان حوالي سان ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب ميو اسپتال ڪينسر جي مريضن کي ريڊي ايشن ڏيڻ جي لاءِ ڪوبالٽ – 60 سورس درآمد ڪيو، اها مشين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي لاءِ دستياب واحد مشين آهي، فنڊز جي عدم دستيابي جي ڪري باقي رقم جي عدم ادائيگي تي مشين شيڊ ۾ روڪي وئي هئي. ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ دير جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، دير جو سرٽيفڪيٽ ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر پاران جاري ڪيو ويو هو. جيريز جي مئنيجر ڪارگو بقايا چارجز جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اوزار جاري نه ٿيڻ تي ميو اسپتال جي سي اي او وفاقي ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪيو. ٽيڪس محتسب ڪليڪٽر آف ڪسٽمز لاهور کي فوري طور تي سامان جاري ڪرڻ جي لاءِ جيريز سان رابطو ڪرڻ جو چيو. جيريز ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي کانپوءِ جيريز جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيريز دير جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود مشين جاري نه ڪري ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي شقن جي خلاف ورزي ڪئي، جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۽ ايڪٽ جي شقن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪسٽم ايڪٽ تحت سرٽيفڪيٽ جي تعميل نه ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا آهي، ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها. فيصلي موجب جيريز ڪسٽمز ايڪٽ جي شقن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، جيريز جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته ڪليڪٽر آف ڪسٽمز 7 ڏينهن ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي ۽ مشين آزاد ڪرائي وڃي، عدم تعميل تي قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Women Champions
-
PM briefed on proposed Ehsaas food stamp programme
-
Cabinet approves amendment bill to grant more autonomy to SBP
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
No side-effects of Sinopham Covid vaccine: Yasmin
-
ATC to indict accused cops in Satti murder case on 26th
-
Airlines asked to submit proposals for aviation policy till 19th
-
CAA extends travel SOPs for Pakistan bound visitors till 18th
-
Muhammad Idrees appointed new dean QAU faculty of Social Sciences
-
PM to inaugurate Islamabad Security Dialogue on Wednesday