پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قيادت ۾ گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق وفد گورنر کي فورم جي انتظام ھيٺ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي گورنر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ڪاروباري شعبي کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گورنر کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخوا مان ايڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھي. وفد چيو ته برطانيا سميت سمورن يورپي ملڪن ۾ خيبرپختونخوا جي ڪاروباري نمائش لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan receives first shipment of Russian Vaccine Sputnik
-
NAB summons Maryam in Raiwind land case on March 26
-
Nutrition Awareness Seminar held at UO
-
Parliamentary Committee on Electoral Reforms to be notified after finalization of Senate parliamentary party leaders’ list: Speaker
-
NAB summons PSMA chief on 25th in sugar scandal
-
Faisal Mosque closed to public as coronavirus cases surge
-
PDM will accompany Maryam during her hearing at NAB on March 26: Maulana Fazlur Rehman
-
Experts call for no undue intervention in Deosai Park
-
Pakistan ranked 105 in world happiness report
-
LHC accepts plea for early hearing to bring back Koh-i-Noor diamond
-
PAKISTAN DAY 2021
-
Javed Latif granted bail till 30th in anti-Pakistan remarks case