اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي رومانيه جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. رومانيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رومانيه جي پرڏيهي وزير بوگدان اوريسڪو رومانيه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ رومانيه اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ رومانيه ??ي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ رومانيه ??ي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Nationwide heavy rainfall alert issued, citizens advised precautions
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
Work on Sialkot, Lahore motorway to begin soon
-
Railways infrastructure upgraded to facilitate travellers
-
Old designed currency notes will cease to be legal tender from Dec 1
-
45 Indian fishermen arrested
-
Army chief assures AJK PM of troops preparedness
-
جیک پاٹ سلاٹس انٹرٹینمنٹ - سرکاری ویب سائٹ
-
PT آن لائن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
گوبلن فورچون آفیشل ڈاؤنلوڈ لنک
-
گیلی کارڈ گیم آفیشل ویب سائٹ: مکمل تفصیلات اور کھیلنے کا طریقہ
-
بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ - محفوظ اور دلچسپ گیمنگ کا تجربہ