اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) او آءِ سي جي 25 هين عالمي آبي وسيلن، توانائي، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي بابت ڪانفرنس اڪيڊمي آف سائنسز اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي. عالمي اسلامڪ اڪيڊمي آف سائنسز جي صدر سميت 12 ملڪن جا سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. اسلام آباد سائنس اڪيڊمي ۾ عالمي ڪانفرنس ورلڊ اسلامڪ اڪيڊمي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي وڃي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان، ايس اي سي چيئرمين ۽ سينئر سائنسدان ڊاڪٽر عطا الرحمان به ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن. بنگلاديش، ملائيشيا، اردن، لبنان سميت ٻين ملڪن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.اسلامڪ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس جي صدر پروفريسر عدنان باردن به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سينيٽر شيري رحمان صدر مملڪت جي نمائندگي ڪندي افتتاحي خطاب ڪيو. هن صدر مملڪت آصف علي زرداري جو پيغام پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته برساتن کان علاوه اسان ٻين ماحولياتي تبديلين جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. علائقائي ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو ته جيئن هو آفت کي روڪي سگهن. پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسان کي رزيليئنس جي نئين سري سان وضاحت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف انفراسٽرڪچر ئي رزيلئنس ناهي اسان کي رزيلينس ۾ مقامي ماڻهن ۽ آبادين کي شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطن ۽ گڏيل حڪمت عملي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. زمين اندر پاڻي جي سطح کي وڌائي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسان موسمياتي تبديلي جي نقصانن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
ECP turns down PTI plea regarding stay on Gillani’s victory notification
-
Prime Minister briefed on digital media advertising policies
-
Panic grips Punjab University after unidentified gunmen open fire
-
IG Punjab directs Police to expedite progress on pending summaries of Police Department
-
Imran Khan has right to rule till 2023: Governor
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
Disintegration of India under Modi